پاڪستان جي ليجنڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽر لٽل ماسٽر حنيف محمد جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي

Hanif-Muhammad-11816

پاڪستان جي ليجنڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽر لٽل ماسٽر حنيف محمد جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي، 6 منٽن تائين دل جو ڌڙڪڻ بند ٿيڻ بعد آيل خبرن ماڻهن ۾ بيچيني پکيڙي ڇڏي.

ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾ ورتل حنيف محمد جو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي، اڄ سندس طبيعت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ۽ 6 منٽن لاءِ سندس دل جي ڌڙڪڻ بند ٿي وئي.

ميڊيا کي لٽل ماسٽر جي لاڏاڻي جي خبر به ڏني وئي پر ڪجهه دير بعد آغا خان اسپتال جي ترجمان ۽ گهرڀاتين اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي وضاحت ڪئي ته حنيف محمد کي مصنوعي نموني ساهه کڻايو پيو وڃي، 6 منٽن تائين سندس دل ڌڙڪڻ بيهجي وئي، جيڪا بعد ۾ هلڻ لڳي آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*