پيپلزپارٽي جي اڳواڻن بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي ۾ انٽيليجنس جي ناڪامي نظر اچي رهي آهي

ihtizaz or

پيپلزپارٽي جي اڳواڻن بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي ۾ انٽيليجنس جي ناڪامي نظر اچي رهي آهي، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ جـِي ذميواري وفاقي گهرو وزارت آهي، چوڌري نثار پاران ڪوئيٽا ڌماڪي بعد زخمين جي عيادت لاءِ نه اچڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ بئريسٽر اعتزاز احسن جي اڳوڻي ۾ پيپلزپارٽي جي وفد ڪوئيٽا سول اسپتال پهچي سومر ڏهاڙي ٿيل ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي ڪوئيٽا پهتل صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ممتاز جکراڻي به ساڻن گڏ هئا.

زخمين جي عيادت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي قطعي طور عملدرآمد ناهي ٿيو، جيڪڏهن ايڪشن پلان جي 20 نقطن تي عمل ٿئي ها ته ڪوئيٽا ڌماڪي جهڙا واقعا نه ٿين ها.

هـُن چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪو انٽيليجنس جي ناڪامي آهي، قومي ايڪشن پلان تي نيڪٽا کي فعال ڪرڻ گهرجي ها پر ان کي به اڃا تائين فعال ناهي ڪيو ويو.

اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته قومي ايڪشن پلان ناڪام ٿي چڪو آهي، هـُو دعويٰ سان چوي ٿو ته جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته ڪوئيٽا ڌماڪي جهڙا واقعا نه ٿين ها.

هـُن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ذميوار وفاقي گهرو وزارت آهي، حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، رياست کي ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن رياست ڪمزور ٿي ته پوءِ ادارا به ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ عوام جو نقصان ٿيندو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪن ۾ سڪيورٽي ادارن جي ناڪامي نظر اچي رهي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڪوئيٽا نه اچڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته وزيراعظم کي پنهنجي وزيرن جي رويي تي سوچڻ گهرجي، اڳ ئي چيو هو ته وزيراعظم نانگ پاليا آهن، جيڪي کيس ڏنگي رهيا آهن پر نوازشريف اڃا تائين سمجهي ناهي سگهيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*