خيرپور ۾ ويڪسينيٽرن گذريل 12 سالن کان پڪو نه ڪرڻ ۽ هٽايل ويڪسينيٽرن جي بحالي لاءِ احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

khirpur vacinator pro

خيرپور ۾ ويڪسينيٽرن گذريل 12 سالن کان پڪو نه ڪرڻ ۽ هٽايل ويڪسينيٽرن جي بحالي لاءِ احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ متحده مزدور فيڊريشن جي ڪارڪنن قادر بخش پيرزادو، خدا بخش قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن چيو ته خيرپور جي ويڪسينيٽرن سان سنڌ حڪومت نا انصافي ڪري رهي آهي، گذريل 12 سالن کان ويڪسينيٽرن مستقل نه ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته صحت کاتي پاران بنا جواز ڪيترن ئي ويڪسنيٽرز کي هٽايو ويو آهي، جن کي احتجاج باوجود اڃا تائين بحال ناهي ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته هٽايل ويڪسينيٽر کي بحال ڪري سمورن ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*