سکر ۾ صحت واري وزير سڪندر منڌرو اوچتو سول اسپتال جي دوري تي پهتو ته مريضن ۽ انهن جي وارثن سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صوبائي وزير جي گاڏي کي روڪي ورتو

suk

سکر ۾ صحت واري وزير سڪندر منڌرو اوچتو سول اسپتال جي دوري تي پهتو ته مريضن ۽ انهن جي وارثن سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صوبائي وزير جي گاڏي کي روڪي ورتو.

صحت واري سڪندر منڌرو سول اسپتال جو دورو ڪري اسپتال ۾ داخل مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ طبي سهولتن بابت جائزو ورتو.

اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ خلاف مريضن ۽ انهن جي وارثن صوبائي وزير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي سندس گاڏي کي روڪي ورتو.

صوبائي وزير اسپتال انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کي ڇنڊ پٽي ۽ مريضن کي سهولتن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ميڊيا سان ڳالهائندي صحت واري وزير جو چوڻ  هو ته اسپتال ۾ غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرز کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي  ۽ سهولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*