هالا ويجهو پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ڀرسان پٽڙي تان هٿ آيل بم کي ناڪارا بڻايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي

hala waqio

هالا ويجهو پليجاڻي  ريلوي اسٽيشن ڀرسان پٽڙي تان هٿ آيل بم کي ناڪارا بڻايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ريلوي ٽريڪ تي بم  نصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهچڻ تي فرارٿي ويا.

پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ڀرسان نامعلوم جوابدار ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار جوابدار پليجاڻي ۽ الله ڏنو ساند جي وچ تي ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي.

پوليس موجب دهشتگرد پوليس کي ڏسي بم ريلوي ٽريڪ تي اڇلائي فرار ٿي ويا، بعد ۾ بم کي ناڪارا بڻايو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي  ته ڏيڍ پاءُ وزني هٿرادو بم ٽريڪ تي نصب ڪيو پئي ويو، جنهن کي ناڪارا بڻايو ويو آهي.

ريلوي انتظاميا پاران ڪراچي کان پشاور ويندڙ عوامي ايڪسپريس  ۽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس کي منزل طرف روانو ويو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*