ڳڙهي خيرو ۾ هڪ مهينو اڳ ملڪيت جي تڪرار تان قتل ڪيل ناري وحيده ڪلر جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي ورتو آهي

larkana brothers

ڳڙهي خيرو ۾ هڪ مهينو اڳ ملڪيت جي تڪرار تان قتل ڪيل ناري وحيده ڪلر جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي ورتو آهي، سي آءِ اي انچارج جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي ايس ايڇ کي طلب ڪري هدايت ڪئي آهي ته ڪيس جي سمورن جوابدارن کي هڪ هفتي اندر گرفتار ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جوابدارن کي هڪ هفتي اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته، ٻنهي عملدارن، سي آءِ اي انچارج سليمان پٺاڻ ۽ ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او مجيد ابڙو کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويندو.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ وحيده ڪلر جي قتل واري معاملي جي جاچ لاءِ انسپيڪٽر عبدالقدوس ڪلوڙ جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا کيس هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪندي.

ياد رهي ته ڳڙهي خيرو ۾ هڪ مهينو اڳ ملڪيت جي تڪرار تان ڏيرن وحيده ڪلر کي قئنچين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*