لاڙڪاڻي ۾ سکر پوليس هڪ گهر تي مبينا طور تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، واقعي خلاف متاثرن احتجاجي مظاهرو

Larkana-Sukkur-Police-12816

لاڙڪاڻي ۾ سکر پوليس هڪ گهر تي مبينا طور تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، واقعي خلاف متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو سندن چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز جي چڙهائي ڪري گه مان سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪئي.

لاڙڪاڻي شهر جي مينهل ڪالوني ۾ سکر پوليس جاويد منگي جي گهر تي مبينا طور چڙهائي ڪري تلاشي وٺڻ بعد ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.

واقعي خلاف گهر ڀاتين احتجاجي مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف نعري بازي ڪئي.

هنن چيو ته سکر پوليس سندن بااثر مخالفن جي ونگارو بڻجي بنا جواز جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ قيمتي سامان به ڦر ڪيو آهي.

هنن چيو ته پوليس 10 ڏينهن اڳ نوجوان طارق منگي کي به گرفتار ڪري وئي آهي، جيڪو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي بيگناهه گرفتار ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*