پنو عاقل ۾ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو مختلف سرڪاري آفيسن تي ڇاپا هڻي غير حاضر ۽ دير سان ايندڙ عملدرن تي ڪاوڙ جو اظهار

PanoAqil-Wazir-12816

پنو عاقل ۾ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو مختلف سرڪاري آفيسن تي ڇاپا هڻي غير حاضر ۽ دير سان ايندڙ عملدرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪندڙ عملدارن بابت وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو  پني عاقل جي سرڪاري آفيسن ۽ اسپتالن جو اوچتو دورو ڪري آفيسن جي ڪم ڪار بابت صورتحال جو جائزو ورتو.

صوبائي وزير اي سي ۽ مختيارڪار سميت اڪثر ملازمن جي غيرحاضر هئڻ ۽ ڪجهه ملازمن جي دير سان اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين ڇنڊ پٽي.

صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو جو چوڻ هو ته ڊيوٽي نه ڪندڙ ۽ دير سان آفيس ايندڙ عملدارن بابت وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*