آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي حڪم تي سڄي ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ڪومبنگ آپريشن جاري

ISPR--1-12816

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي حڪم تي سڄي ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، پنجاب جي علائقي ڪلر سيدان ۽ گوجر خان ۾ گڏيل ڪارروائي دوران بندش پيل تنظيم جي ٻن ڪمانڊرن سميت 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪومبنگ آپريشن جي تحت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل آپريشن دوران پوٺوهار جي علائقي گوجر خان ۽ ڪلر سيدان ۾ ڪارروائي ڪئي.

ISPR-12816

ڪارروائي دوران بندش پيل تنظيم جي ٻن اهم ڪمانڊرن سميت 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان ديسي ساخته بم ۽ ٻين هٿيارن سميت تيار ڪيل آءِ ڊيز به هٿ آيا آهن ، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگرد تخريبڪاري جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جا ڳجها ٿاڪ ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل آپريشن سموري ملڪ ۾ جاري آهي ۽ هاڻي ڳجهن ٺڪاڻن ۾ لڪل هر دهشتگرد جو خاتمو آندو ويندو.

آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي ٿاڪن جي خاتمي تائين سڄي ملڪ ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري رهندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*