سنڌ ڪابينا جي نون چونڊيل چئن ميمبرز پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي وئي

Garhi-Khuda-Bux-12816

سنڌ ڪابينا جي نون چونڊيل چئن ميمبرز پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي وئي، صوبائي وزير امداد پتافي جو چوڻ  آهي  ته نئين وڏي وزير جي اچڻ سان ڪافي تبديلي آئي آهي، جلد ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿيندي نظر ايندا.

صوبائي وزير امداد پتافي، صوبائي وزير فياض ٻُٽ، صوبائي صلاحڪار برهان خان چانڊيو ۽ صوبائي صلاحڪار قاسم نويد قمر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي.

Gari-Khuda-Mizar-Hazri-12816

ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير امداد پتافي جو چوڻ هو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اچڻ کانپوءِ ڪافي تبديلي آئي آهي، جنهن سبب وزير توڙي آفيسر وقت جي پابندي ڪري رهيا آهن.

صوبائي وزير چيو ته نئين چونڊيل ڪابينا کي تمام گهڻيون چئلنجز آهن، ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي حل ڪرڻا آهن.

امداد پتافي جو چوڻ هو ته پارٽي قيادت به عوام جا سمورا مسئل حل ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪئي آهي، جنهن ڪري سمورا وزير سرگرم آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير امداد پتافي چيو ته وڏي وزير جي حلف کڻڻ سان ئي برساتون شروع ٿي ويون،  جنهن ڪري وڏو وزير ڪراچي ۾ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، وڏو وزير ٻين شهرن کي به وقت ڏيندو.

امداد پتافي جو چوڻ هو ته سنڌ جي پوليس تي ڀرپور اعتماد آهي پر پوليس ۾  ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ نگراني فوج جي حوالي ڪئي وئي آهي.

صوبائي وزير فياض ٻٽ جو چوڻ هو ته نئين ڪابينا صوبي ۾ سموري چئلنجز کي منهن ڏيندي ۽ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عوام وٽ وڃي انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

 فياض ٻٽ جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن  لاءِ  اسڪيمون منظور ڪرايون وينديون.

صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ نارڪوٽيڪس کاتي کي ٻيهر آرگنائيزڊ ڪرڻ لاءِ ڪوششون  جاري آهن  ۽ نارڪوٽڪيس ۾ ڊي جي مقرر  لاءِ به سفارش ڪئي ويندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*