اسلام آباد جي عدالت، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو

Us-Citiz-Arrested-Isb-12816

اسلام آباد جي عدالت، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي  اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

وفاقي جاچ اداري جي عملدارن 3 ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ايف آءِ اي جي پراسڪيوٽر دليل ڏنا ته جوابدار غير قانوني طور پاڪستان آيو، کانئنس جاسوسي جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي، تنهنڪري سندس جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت ايف آءِ جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته ميٿيو بيرٽ اڳ به غير قانوني طور پاڪستان آيو هو، کيس ڊيپورٽ ڪيو ويو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*