سنڌ سمال انڊسٽريز ۽ صنعتن واري کاتي ۾ 12 سئو اضافي ڀرتين توڙي بدين، هالا، روهڙي ۽ سيوهڻ ۾ اربين رپين جي پلاٽن تي قبضن جو انڪشاف ٿيو

Manzoor-Wasa-12816

سنڌ سمال انڊسٽريز ۽ صنعتن واري کاتي ۾ 12 سئو اضافي ڀرتين توڙي بدين، هالا، روهڙي ۽ سيوهڻ ۾ اربين رپين جي پلاٽن تي قبضن جو انڪشاف ٿيو آهي، صوبائي وزير منظور وساڻ غير قانوني ڀرتين ۽ پلاٽن تي قبضن جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته معاملو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيو ويندو.

صوبائي وزير منظور وساڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ۽ صنعتن واري کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو، ايم ڊي سنڌ سمال انڊسٽريز جاويد صبغت الله ۽ ڊي ايم ڊي سنڌسمال انڊسٽريز هوش لطيف انڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ 2008ع دوران 328 ملازم هيا، جن جو هاڻي انگ وڌي 875 ٿي ويو آهي.

آفيسرن پاران بريفنگ ڏني وئي ته کاتي اندر گذريل 8 سالن دوران 547 اضافي ملازم ڀرتي ڪيا ويا، جن کي پگهارون به نه ملي رهيون آهن، جنهن تي صوبائي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

اجلاس دوران سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڪروڙين رپين جي ماليت جي پلاٽن تي قبضن جو به انڪشاف ٿيو، جنهن ۾ بدين ضلعي اندر هڪ هزار گز جا 8 پلاٽ، هالا ۾ 20، روهڙي ۾ 5 ۽ سيوهڻ ۾ هڪ پلاٽ شامل آهن.

صوبائي وزير منظور وساڻ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي سائيٽ انڊسٽريز ۾ چائنا ڪٽنگ ذريعي 2 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

هن چيو ته شفاف نموني جاچا لاءِ معاملو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي موڪليو ويندو.

ان موقعي تي آفيسرن پاران بريفنگ ڏني وئي ته ڊائريڪٽوريٽ آف انڊسٽريز حيدرآباد ريجنل آفيس ۾ 11، سکر ۾ 7، لاڙڪاڻي ۾ 3 ۽ ڪراچي هيڊ ڪوارٽر ۾ 37 جايون خالي پيل آهن.

ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته هاڻي ڪنهن جي به سفارش قبول نه ڪئي ويندي، سموريون نوڪريون ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*