ڄامشوري جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر کي رجسٽرار مقرر ڪرڻ خلاف آفيسر ايسوسئشن پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

Mehran-Uni-12816

ڄامشوري جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر کي رجسٽرار مقرر ڪرڻ خلاف آفيسر ايسوسئشن پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آفيسرز ايسوسئشن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٻاهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي يونيورسٽي جي مک  گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

Mehran-Uni-Protest-12816

اڳواڻن چيو ته رجسٽرار جو عهدو نج انتظامي آهي، جنهن تي استاد بدران ميرٽ تي آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

هنن چيو ته سي ايم هائوس مان سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي ڊاڪٽر عبدالوحيد جي رجسٽرار طور مقرري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، فيصلو واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*