مراد علي شاهه کي اڃا 8 يا 10 ڏينهن ٿيا آهن، سندس جذبي کي پرکڻ لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه

Qaim-Ali-Shah-12816

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته مراد علي شاهه کي اڃا 8 يا 10 ڏينهن ٿيا آهن، سندس جذبي کي پرکڻ لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو، وڏي وزير جي تبديلي جو فيصلو پارٽي جو هو، سندس آخري ٽن سالن دوران ڏوهن تي مڪمل ضابطو اچي ويو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن سان ڪوئيٽا سانحي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، انڪوائري کانپوءِ سڪيورٽي ليپس بابت خبر پئجي سگهندي.

مراد علي شاهه جي جذبي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه نوجوان آهي، منجهس جذبو آهي، في الحال 8 يا 10 ڏينهن ٿيا آهن، کيس پرکڻ لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته سندس آخري ٽن سالن دوران امن امان جي صورتحال بهتر رهي، دهشتگردي، ڀتاخوري ۽ ٻين ڏوهن تي ضابطو اچي ويو هو.

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته اويس شاهه به سندس وڏ وزارت دوران ئي بازياب ٿي آيو هو، امجد صابري جي قتل ڪيس ۾ به اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، جلد جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*