سپريم ڪورٽ، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت پاڻمرادي نوٽيس تي چئني صوبن ۾ قائم وفاقي اسپتالن جي انچارجز کي طلب ڪري ورتو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت پاڻمرادي نوٽيس تي چئني صوبن ۾ قائم وفاقي اسپتالن جي انچارجز کي طلب ڪري ورتو آهي، وقتي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رماڪس ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ سرڪاري اسپتالن جي حالت بڇڙي آهي، ڊاڪٽر شهرين جي حياتين سان راند کيڏي رهيا آهن.

وقتي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ٽن سرڪاري اسپتالن بابت رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته پولي ڪلينڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر افتخار نارو مهانگي اگهن تي گئس سلينڊر خريد ڪري رهيو آهي.

عدالت پولي ڪلينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر افتخار کي ڇنڊ پٽيندي ڪارڪرگي ٺيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت رماڪس ڏنو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مريضن جي حياتين سان راند کيڏي رهيا آهن، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.

عدالت، سرڪاري چئني صوبن ۾ قائم وفاقي اسپتالن جي انچارجز کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مندي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*