حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه

hursheed-Shah-12816

قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرز جي غير حاضري سبب اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، نون ليگ جا ڪيترائي ميمبر ناراض هئڻ سبب ايوان کي اهميت نٿا ڏين.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پارلياماني معاملن واري وزارت، غير مسلم رجسٽرڊ ووٽرز جي تفصيل پيش ڪيا، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سموري ملڪ اندر 29لک 97 هزار کان وڌيڪ غير مسلم ووٽرز رجسٽرڊ آهن.

پارلياماني معاملن واري وزارت ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

اجلاس جي ڪارروائي جاري هئي ته تحريڪ انصاف جي مسرت زيب ڪورم جي اڻپوري هئڻ جي نشاندهي ڪئي.

ڊپٽي اسپيڪر ڪورم اڻپورو هئڻ سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ کان غير حاضر ميمبرز جا تفصيل گهري ورتا.

ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ايوان ۾ قورم پورو نه هئڻ جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏيندي چيو ته نواز ليگ ۾ اختلاف هئڻ سبب اڪثر ميمبرز نٿا اچن.

هن چيو ته حڪومتي ميمبرز پارليامينٽ کي اهميت ڏيڻ بدران ذاتي ڪمن ۾ رڌل آهي، جيڪا حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*