وفاقي گهرو وزارت، اسلام آباد ۾ 14آگسٽ تي دهشتگردي جي خدشي سبب موبائيل فون سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Mobile-Off-12816

وفاقي گهرو وزارت، اسلام آباد ۾ 14آگسٽ تي دهشتگردي جي خدشي سبب موبائيل فون سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

گهرو وزارت موجب، دهشتگردي جي خدشي سبب وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾ صبح ڇهين وڳي کان منجهند 12هين وڳي تائين موبائيل فون سروس بند رهندي.

ذريعن موجب، ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ  ملڪ جي اهم شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو موجود آهي، جنهن لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

گهرو وزارت چيو ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن جي آڌار تي اهڙو قدم کنيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*