قوم سان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، کيس سڀ کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي ڳڻتي آهي, وزيراعظم نواز شريف

Nawaz-sharif-12816

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قوم سان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، کيس سڀ کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي ڳڻتي آهي.

وزيراعظم نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ نيلم جهلم منصوبي جو دورو، جنهن دوران واپڊا جي عملدارن کيس بريفنگ ڏني.

Nawaz-Sharif-jehlum-12816

واپڊا عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته حادثي ڏڪيائين سبب منصوبي جو ڪم ڪجهه دير جو شڪار ٿيو، جڏهن ته ڊيم اسٽرڪچر جو ڪم 100سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي.

نواز شريف چيو آهي ته قوم سان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، هن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي ڳڻتي ڪنهن کي هوندي؟

هن چيو ته حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تائين بجلي جو بحران گهٽائڻ جو وارو واعدو پاڙڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان سمورا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا ويندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*