جهلم جي عدالت پاڪستاني ڄائي برطانوي عورت ساميه شاهد قتل ڪيس ۾ ناري جي اڳوڻي مڙس چوڌري شڪيل جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

samia-Case-Uk-29716

 جهلم جي عدالت پاڪستاني ڄائي برطانوي عورت ساميه شاهد قتل ڪيس ۾ ناري جي اڳوڻي مڙس چوڌري شڪيل جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ساميه جي قتل جي الزام هيٺ سندس پيءُ کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

جهلم جي ايڊيشنل سيشن جج سجاد افضل جي عدالت ۾ ساميه شاهد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عبوري ضمانت پوري ٿيڻ باوجود ساميه جو اڳوڻو مڙس چوڌري شڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

عدالت، پيش نه ٿيڻ تي چوڌري شڪيل جي عبوري ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ساميه جي پيءُ چوڌري شاهد کي قتل ۽ قتل جي ارادي جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کائنس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

عدالت، جوابدارن جي وڪيل ميان محمد عارف کان سوال ڪيو ته توهان پنهنجي مئوڪل جي گمشدگي بابت ڪا درخواست ڏني آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اهڙي ڪا به درخواست ناهي ڏني پر هاڻي درخواست داخل ڪرائي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*