سجاول ويجهو ديوان شگر مل وٽ مسافر وين ۽ پوليس موبائل وچ ۾ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻن ورهين جي ٻارڙي فوت ۽ 7 مسافر زخمي ٿي پيا

Sajawal-Accident-13816

سجاول ويجهو ديوان  شگر  مل وٽ مسافر وين ۽ پوليس موبائل وچ ۾ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻن ورهين جي ٻارڙي فوت ۽ 7 مسافر زخمي  ٿي پيا.

جاتي چوڪ واري علائقي ۾ بدين کان ڪراچي ويندڙ وين ۽ پوليس جي موبائل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ عورت فرزانه لغاري ۽ سندس ٻن ورهين جي ڌيءَ صنم فوت ٿي ويون، جڏهن ته نوجوان اسلم ۽ پرويز چانڊيو سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي بدين جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*