ڪراچي جي موسيٰ ڪالوني ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران 12 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊفينس فيز 2، نيو ڪراچي ۽ ايف بي ايريا مان وڌيڪ 50 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

Karachi-Police-Musa-Colony-13816

ڪراچي جي موسيٰ ڪالوني ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران 12 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊفينس فيز 2، نيو ڪراچي ۽ ايف بي ايريا مان وڌيڪ 50 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لياري ۾ ڪارروائي دوران گينگ وار جي جوابدار اويس ڏاڏا کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪري ورتا.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيفي لين ۾ رستا سيل ڪري سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران جوابدار اويس ڏاڏا کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اويس ڏاڏا جو واسطو لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ سان هو، جوابدار قتل، پوليس تي حملن ۽ ڀتي خوري جي واداتن ۾ ملوث آهي.

ڊفينس فيز ۾ پوليس پاران ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 30 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ دستاويز نه هجڻ تي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي پڇاڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويندو.

موسيٰ ڪالوني ۽ ايف بي ايريا بلاڪ 11 ۾ پڻ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

نيو ڪراچي جي علائقي خميسو ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن دوران 16 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

ذريعن موجب ڀينس ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري زخمي ٿي پيو، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*