سنڌ ۾ سي اين جي لٽر بدران ڪلو گرامس ۾ وڪرو ڪرڻ واري فيصلي تي اوگرا آڏو سي اين جي ايسوسيئيشنز هٿيار ڦِـــــٽا ڪري ڇڏيا

CNG-13816

سنڌ ۾ سي اين جي لٽر بدران ڪلو گرامس ۾ وڪرو ڪرڻ واري فيصلي تي اوگرا آڏو سي اين جي ايسوسيئيشنز هٿيار ڦِـــــٽا ڪري ڇڏيا، ٽن ڏينهن تائين بند رهندڙ سي اين جي اسٽيشنز اڄ ٻيهر کلي ويون، سي اين جي به ڪلو گرامس ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.

آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشنز جي هڙتال ختم ڪرڻ واري فيصلي بعد سنڌ اندر سي اين جي اسٽيشنز ٻيهر کلي ويون، جنهن سبب گئس ڀرائڻ لاءِ گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.

سنڌ ۾ سي اين جي لٽر بدران گلو گرامس ۾ وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي اوگرا ۽ آل سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن وچ ۾ اختلافن سبب ٽن ڏينهن تائين سي اين جي اسٽيشنز بند رکيون ويون.

گذريل ڏينهن آل سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن جي گڏجاڻيءَ ۾ في الحال اوگرا جي حڪم تحت گئس وڪرو ڪرڻ ۽ اڄ کان سي اين جي اسٽيشنز کولڻ جو  فيصلو ڪيو هو.

اوگرا چيئرمين ڳالهين لاءِ 16 آگسٽ تي ڪراچي پهچندي، جنهن دوران سي اين جي ايسوسيئيشنز گئس لٽر ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ ڀرپور موقف رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*