مـُلتان پوليس، ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي کانپوءِ وڌيڪ ٽـِن جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪري ورتو

Qandeel-Case-13816

مـُلتان پوليس، ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي کانپوءِ وڌيڪ ٽـِن جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو.

 ملتان ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس مفتي عبدالقوي کانپوءِ وڌيڪ ٽن جوابدارن کي به نامزد ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ماڊل قنديل بلوچ جي پيءُ جي درخواست تي مفتي عبدالقوي کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين کيس گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

پوليس عملدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته مفتي قوي کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ لاءِ عدالت کان اجازت ورتي وئي هئي ۽ کيس مدد ڪرڻ واري الزام هيٺ شامل ڪيو ويو آهي.

قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ ماڊل جو ڀاءُ وسيم، سندس دوست حق نواز ۽ مفتي عبدالقوي جو مائٽ ٽيڪسي ڊرائيور باسط به گرفتار آهن.

قنديل بلوچ کي 15 جولاءِ تي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*