ڪراچي پوليس بلديا سانحو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ سپليمينٽري چالان تيار ڪري ورتو

Baldia-Case-23716

ڪراچي پوليس بلديا سانحو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ سپليمينٽري چالان تيار ڪري ورتو، جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته بلديا سانحي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، هفتي اندر چالان اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار ارشد، فضل احمد، منصور ۽ شاهه رخ سميت ٻين کي پيش ڪيو ويو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته بلديا سانحي ۾ سڙيل فيڪٽري جا مالڪ ڪٿي آهن؟ جنهن تي سندن وڪيل چيو ته فيڪٽري مالڪن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي آهي.

متاثرن جيو ڪيل چيو ته فيڪٽري مالڪ 2014ع کان وٺي عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته نئين چالان ۾ فيڪٽري مالڪن جي ڪردار جو پتو پئجي ويندو.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، سپليمينٽري چالان به تيار ڪيو ويو آهي، هڪ هفتي تائين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*