سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، آبپاشي کاتي موجب پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات کانپوءِ وهڪرا سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيا آهن

Guudu-Sukkur-13816

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، آبپاشي کاتي موجب پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات کانپوءِ وهڪرا سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 2 لک 60 هزار 191 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 29 هزار 751 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج وٽ  پاڻي جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 71 هزار 750 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 17 هزار 10 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو هڪ لک 33 هزار 981 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 14 هزار 211 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ بلوڇستان ۾ برساتون پوڻ سبب اسڪردو مان وهڪرا سنڌو درياهه ۾  ٿي رهيا آهن، جنهن سبب ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌو درياهه ۾ وڌيڪ چاڙهه جو امڪان آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*