بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، گرلز ڪاليج ويجهو نصب ڪيل ٻن بمن کي ناڪاره بڻايو ويو

Nushki-Girls-Collage-13816

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، گرلز ڪاليج ويجهو نصب ڪيل ٻن بمن کي ناڪاره بڻايو ويو.

ايف سي ذريعن موجب نوشڪي ۾ گرلز ڪاليج ويجهو روڊ تي لڳايل 2 بم هٿ آيا، جنهن بعد فوري طور تي سڪيورٽي فورسز موقعي تي پهچي وئي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد ٻنهي بمن کي  ناڪاره  بڻايو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته بم 20-20 ڪلو وزني هئا، جيڪڏهن اهي ڦاٽن ها ته وڏي جاني نقصان جو خدشو هو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شرپسندن ڪاليج ويجهو تخريبڪاري لاءِ بم نصب ڪيا هئا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*