ڪوئيٽا سول اسپتال ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 74 ٿي ويو

Quetta-Blast-Updates-13816

ڪوئيٽا سول اسپتال ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 74 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

سي ايم ايڇ ذريعن موجب 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن جو انگ وڌي 74 ٿي ويو آهي.

فوت ٿي ويل ايڊووڪيٽ فيض الله سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ هو.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 40 کان وڌيڪ زخمي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

واضح رهي ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي ۾ ميڊيا جي نمائندن ۽ وڪيلن سميت 73 ڄڻا مارجي ويا هئا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*