ڪنٽينر تي چڙهي سنجيده سياست ناهي ٿيندي ۽ نه ئي سياست ڪا ون ڊي يا ٽيسٽ ميچ آهي،وزيراعظم نواز شريف

Nawaz-Sharif-13816

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪنٽينر تي چڙهي سنجيده سياست ناهي ٿيندي ۽ نه ئي سياست ڪا ون ڊي يا ٽيسٽ ميچ آهي، جيڪا تماشائين کي خوش ڪرڻ لاءِ کيڏي وڃي، عوام گندي سياست کي رد ڪري چڪو آهي، حڪومت مخالف تحريڪ ۽ احتجاج جون ڳالهيون ڪندڙن جو عوام ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندو.

پنجاب جي علائقي شورڪوٽ ۾ شور ڪوٽ کان خانيوال تائين موٽروي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوا زشريف چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو عروج تي هيو پر هاڻي قوم مايوسي جي اوندهه مان نڪري اميد جي دنيا ۾ قدم رکيو آهي ۽  ملڪ ۾ بجلي جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي.

Nawaz-Sharif-1-13816

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ماضي جي حڪومتن ملڪ کي اونڌاهي ۾ ڌڪي ڇڏيو پر موجوده حڪومت بجلي پيداوار لاءِ جيڪا منصوبا شروع ڪيا آهن، اهي سڀني جي آڏو آهن، 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو.

هن چيو ته حڪومت ڪنهن هڪ طبقي نه پر هر طبقي جي خدمت ڪئي آهي، پهريون ڀيرو عام ماڻهن سان گڏ هارين ۽ واپارين کي به فائدو پهچي رهيو آهي، جڏهن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀاڻ جي قيمت ۾ به رڪارڊ لاٿ ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان چين جي سهڪار سان منصوبا شروع ڪيا آهن، هي سلسلو چين جي بارڊر کان گوادر ۽ ڪراچي تائين ويندو، منصوبا مڪمل ٿيڻ سان بلوچستان ۾ به وڏي خوشحالي ايندي.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي وارا منصوبا دشمنن کي پسند نه آهن ۽ اهي مختلف وقتن تي سازشون ڪري رهيا آهن، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف خطاب دوران تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ڪنٽينر تي چڙهي سنجيده سياست ناهي ٿيندي، سياست ون ڊي يا ٽيسٽ ميچ ناهي، جيڪا تماشائين کي خوش ڪرڻ لاءِ کيڏي وڃي.

وزيراعظم چيو ته سياست کي عبادت جي برابر سمجهان ٿو، سياست ڳالهائڻ کان اڳ تورڻ سيکاريندي آهي ۽ اسان لفظ به توري ڳالهائيندا آهيون

ميان نواز شريف چيو ته حڪومت مخالف تحريڪ ۽ احتجاج جو چيو پيو وڃي پر کيس ڪجهه نظر نٿو اچي، عوام گندي سياست کي رد ڪري چڪو آهي، حڪومت مخالف تحريڪ ۾ به عوام مخالفن جو ساٿ نه ڏيندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*