تحريڪ انصاف پاران حڪومت مخالف تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ راولپنڊي ۾ ريلي ڪڍي پئي وڃي

Imran-Khan-Pti-13816

 تحريڪ انصاف پاران حڪومت مخالف تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ راولپنڊي ۾ ريلي ڪڍي پئي وڃي، پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت قلم هڪ سئو 44 لاڳو ڪري چڪي آهي پر اڄوڪي ريلي پر امن هوندي.

تحريڪ انصاف پاران راولپنڊي جي لياقت باغ کان فيصل چوڪ تائين ريلي ڪڍڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ريلي جي قيادت عمران خان ڪندو.

عمران خان ريلي کي پهريون خطاب فيصل چوڪ تي ڪندو، جڏهن ته آخري خطاب اسلام آباد جي فيصل چوڪ تي ٿيندو.

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق لياقت باغ جو دورو ڪري سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

نعيم الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت اڳ به قلم هڪ سئو 44 لاڳو ڪري چڪي آهي، يوم آزادي ملهائڻ سڀني جو حق آهي، پي ٽي آءِ جي ريلي پر امن هوندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*