ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nat

ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن عبدالرزاق سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پري ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته 9 سال گذري وڃڻ باوجود معصوم فضيلا کي اڃان تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو ، جنهن ڪري  وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن.

هنن چيو ته پوليس رڳو دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي، پر فضيلا کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي مناسب قدم ناهن کنيا ويا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فضيلا سرڪي کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن اسان انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾احتجاج جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*