ٺل ۾ قبرستان تي قبضي خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

thul qabur.pcx

ٺل ۾ قبرستان تي قبضي خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري پوليس ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

شهر جي يار محمد ِشاهه قبرستان جي زمين بااثرن پاران مبينا طور قبضو ڪرڻ  خلاف شهرين  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر جي ڪجهه بااثر ماڻهن قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن، جنهن سبب پوليس انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو  ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري قبرستان جي زمين تان فوري طور قبضو خالي ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*