پيرڳوٺ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ معمولي تڪرار تان هٿيار بندن حملو ڪري

Pir-Gouth-Kinaping-13816

پيرڳوٺ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ معمولي تڪرار تان هٿيار بندن حملو ڪري ٻن نارين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن کين بچائي ورتو، جوابدارن سان مزاحمت ڪرڻ تي نارين جا ڪپڙا ڦاٽي پيا.

ڪوٽ دينل شاهه محلي ۾ مڱڻيجا ۽ لغاري برادي جي ٻن ڌرين ۾ معمولي تڪرار تان هٿيار بندن حملو ڪري ناري صبا ۽ پروين مڱڻيجو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نارين جي رڙين تي پاڙي وارن کين بچائي ورتو.

نارين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته جوابدارن کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سان مزاحمت ڪرڻ تي سندن ڪپڙا ڦاٽي پيا.

 متاثر نارين پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*