صدر ممنون حسين پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن کي ملٽري ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Mamnoon-Hussain-13816

صدر ممنون حسين پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن کي ملٽري ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران به 2 سئو 31 آفيسرن ۽ جوانن کي تعريفي سندون ڏنيون وينديون.

آءِ ايس پي آر موجب، صدر ممنون حسين پاڪ فوج جي 76 آفيسرز ۽ جوانن کي تمغه بسالت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته 4 آفيسرز ۽ جوانن کي ستاره بسالت جو ايوارڊ ڏنو ويندو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي 19 آفيسرز ۽ جوانن کي هلال امتياز ۽ 85 آفيسرز لاءِ ستاره امتياز  جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 48 جوانن ۽ آفيسرن کي امتيازي سندون ڏنيون وينديون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته طور خم بارڊر تي شهادت ماڻيندڙ ميجر جواد علي کي تمغه جرائت سان نوازيو ويندو، جڏهن ته ميجر جنرل اسد انيس اڪبر، ميجر جنرل عابد اعجاز ڪاهلون، سيد قيصر عباس شاهه، ميجر طارق قدوس ۽ ميجر جنرل عبدالله ڊوگر کي هلال امتياز ڏنو ويندو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته  آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران به 231 آفيسرن ۽ جوانن کي تعريفي سندون ڏنيون وينديون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*