جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل

Mulana-Fazal-13816

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين کي اختلاف وساري ملڪ جي مفاد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ هـن وقت ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي وقت هڪٻئي تي الزام لڳائڻ جو نه پر قومي ڀائيچاري جو آهي.

هـُن چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر هئڻ گهرجي، جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺهي ٿي ته آجيان ڪئي ويندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي چوڌري نثار ۽ اعتزاز احسن وچ ۾پيدا ٿيل تڪرار جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*