سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن جاري

Sukkur-Police-13816

سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ايس ايس پي سکر جو پوڻ آهي ته بدنام ڏوهاري  جاڳڻ جتوئي ۽ پٺاڻ ناريجوجي موجودگي واري اطلاع تي  ڪارروائي ڪئي آهي.

سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ايس ايس پي سکر امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.

ايس ايس پي سکر امجد شيخ جو چوڻ آهي ته بدنام ڏوهاري  جاڳڻ جتوئي ۽ پٺاڻ ناريجوجي موجودگي واري اطلاع تي  ڪارروائي ڪري ڏوهارين جا 5 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ضروت پوڻ ڪري وڌيڪ نفري طلب ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*