لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس اهلڪارن تي حملي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ سميت ٻيا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي حفيظ پيرزادو کي ساڍا 37 سال قيد ۽ اڍائي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڏائي ڇڏي

court-31-07

لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس اهلڪارن تي حملي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ سميت ٻيا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي حفيظ پيرزادو کي ساڍا 37 سال قيد ۽ اڍائي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڏائي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ سال اڳ حملو ڪري زخمي ڪيل اهلڪار سليم پتافي ۽ منظور سولنگي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ٻنهي اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ، پوليس تي حملي، ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ سميت ٻيا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار حفيظ پيرزادو کي ساڍا 37 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت جوابدار حفيظ پيرزادو کي 2 لک 53 هزار رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي.

واضح رهي ته فتح پور ٿاڻي جي پوليس حفيظ پيرزادو کي ڪجهه مهينا اڳ لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ٻلڙيجي مان گرفتار ڪيو  هو …………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*