ميرپورخاص ۾ ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي ۽ شهر جي مخلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهر و ڪري ڌرڻو

Mirpur-Khas-Protest-13816

ميرپورخاص ۾ ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي ۽ شهر جي مخلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهر و ڪري ڌرڻو.

شهرين سرمد ناريجو، اياز شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد نمائش روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

مظاهرين چيو ته ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي سبب غريب آباد، کڏ پلاٽ، نمائش روڊ سميت ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.

هنن چيو ته صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر ڪچري جو ڍير بڻجي ويو آهي، پر بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪير به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ميونپسل جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ صفائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*