ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جي گودام کي لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي ڪوششن بعد ضابطو آڻي ورتو

karachi bolden

ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جي گودام کي لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي ڪوششن بعد ضابطو آڻي ورتو، متاثر دڪاندارن جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي تارن مان گودام کي باهه لڳي، جنهن سبب سندن ڪروڙين رپين جو ڪپڙو سڙي ويو.

بولٽن مارڪيٽ جي ٽيڪسٽائل پلازه ۾ ڪپڙي جي گودام کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن تي فائرنگ برگيڊ جي ٽن گاڏين پهچي ضابطو آڻي ورتو.

دڪاندارن جو چوڻ آهي ته گودام کي بجليءَ جي تارن مان باهه لڳي، جنهن سبب سندن ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڪپڙو سڙي رک ٿي ويو.

هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪمزور تارون لڳايون وڃن ٿيون، جنهن سبب شهر اندر باهه جا واقعا پيش اچي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*