پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي

lahore ehtizaz

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڪو بيوقوف ۽ جاهل ئي هوندو، جيڪو چوڌري نثار وٽ پيپلزپارٽي جون سفارشون کڻي ويندو، وفاقي گهرو وزير ٻڌائي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ايان علي کي ڇڏرائڻ لاءِ وٽس ڪير سفارشون کڻي ويو هو،  بلاول ڀـُٽو زرداري ۽ ايان علي جي ٽڪيٽ هڪ ئي اڪائونٽ مان اچڻ اتفاق ٿي سگهي ٿو.

لاهور ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته چوڌري نثار پيپلزپارٽي کي پسند ئي ناهي ڪندو، وفاقي گهرو وزير جي پيپلزپارٽي سان دشمني ڪنهن کان به لڪل ناهي.

هن چيو ته چوڌري نثار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي به ڳالهيون ڪيون، اهي حقيقتن جي ابتڙ آهي، پيپلزپارٽي انهن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته هـُن ڪا به ايل پي جي ڪوٽا ناهي ورتي، 2000 ۾ ايل پي جي ڪوٽا ڏني ويندي هئي پر هاڻي اهو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي.

اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن هن ڪا ايل پي جي ڪوٽا ورتي آهي ته چوڌري نثار وفاقي گهرو وزير آهي، اهو ايل پي جي ڪوٽا رد ڪرائي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر عاصم ۽ ايان علي کي ڇڏرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته ڪو بيوقوف ۽ جاهل ئي هوندو، جيڪو چوڌري نثار وٽ پيپلزپارٽي جون سفارشون کڻي ويندو.

اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته چوڌري نثار ٻڌائي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ايان علي کي ڇڏرائڻ لاءِ وٽس ڪير سفارشون کڻي آيو هو.؟

هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايان علي جي ٽڪيٽ هڪ ئي اڪائونٽ مان اچڻ اتفاق ئي ٿي سگهي ٿو.

پاناما ليڪس معاملي تي ڳالهائيندي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڀلي 100 خطاب ڪري وٺي پر حڪومت شريف ڪٽنب جو احتساب نٿي چاهي.

اعتزاز احسن چيو ته حڪومت جي چوري پاناما ليڪس ۾ پڪڙي وئي آهي، حڪومت هاڻي ڀڄي نه سگهندي، پاناما ليڪس جي گهنٽي هميشه وڄندي رهندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*