پيمرا چيئرمين ابصار عالم چيو آهي ته ڪو به مقدس ڳئون ناهي

pemra

پيمرا چيئرمين ابصار عالم چيو آهي ته ڪو به مقدس ڳئون ناهي، سڀني جو احتساب ٿي سگهي ٿو، پيمرا تڏهن آزاد ٿيندو، جڏهن ان جي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو، ڪنهن کي فيصلن تي اعتراض آهي ته عدالتن جا در کـُليل آهن.

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيمرا چيئرمين ابصار عالم چيو ته پيمرا قومي ادارو آهي، ان تي اهڙي قسم تنقيد نه ٿيڻ گهرجي، جيڪا هڪ ٽي وي چينل جو پروگرام بند ڪرڻ تي ڪئي پئي وڃي.

هـُن چيو ته ميڊيا ۽ پيمرا هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، جيڪڏهن ميڊيا آزاد آهي ته اها پيمرا جي ڪري ئي آهي.

ابصار عالم وڌيڪ چيو ته مهذب ۽ معاشري ۾ ميڊيا آزاد ۽ ذميوار هوندي آهي، ڪو به مقدس ڳئون نه آهي، ٻين ادارن جيان ميڊيا ۽ پيمرا جو به احتساب ٿي سگهي ٿو

پيمرا چيئرمين جو چوڻ هو ته ادارو تڏهن ئي آزاد هوندو آهي، جڏهن ان جي فيصلن تي عمل ٿيندو، ميڊيا جا اڪثر ادارا پئمرا جي فيصلن تي عمل ڪن پيا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*