لکي غلام شاهه جي عدالت مڙس هٿان ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيڻ کان بچي ويل عورت کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

lakhi shah baziyab

 لکي غلام شاهه جي عدالت مڙس هٿان ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيڻ کان بچي ويل عورت کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ دل مهر مان گذريل ڏينهن بازياب ڪرايل عورت زاهده ٻرُڙو کي چڪ ٿاڻي جي پوليس پاران سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ناري عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مڙس عبدالغفار ٻرڙو کيس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪرڻ چاهي ٿو، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

عدالت ناري جي اهڙي بيان کانپوءِ کيس سندن وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*