وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن وارين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي

murad ali

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن وارين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس جي ڪابه اهميت نه آهي، ان تي پارٽي جو گڏيل بيان سامهون آندو ويندو.

ڪراچي ۾ فيڊريشن هائوس پاران 7 موبائل هيلٿ يونٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته چوڌري نثار جي تقرير دوران هــُو مديني ۾ پاڪستان لاءِ دعا ڪري رهيو هو ۽ سندس خيال ۾ چوڌري نثار جي بيان جي ڪابه اهميت نه آهي.

مراد علي شاه چيو ته هو پاڻ سياستدان جو پٽ آهي، سندس ڪابينا ۾ به 90 سيڪڙو ماڻهو اسيمبلي جا ميمبر آهن.

وڏي وزير چيو ته انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن وارين شڪايتن تي جاچ جو حڪم هن پاڻ ڏنو، ڪنهن کي به ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪرڻ نه ڏنو ويندو، جيڪو به انهيءَ ۾ ملوث هوندو ان کي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڏي وزير چيو ته پهرين ترجيح تعليم ۽ صحت آهي، سندس ڪوشش آهي ته سنڌ مان ڪنهن به ماڻهو کي علاج لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پوي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏين ٿا، شهر جي ترقي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سڀ کان پهريان اهم رستن جي تعمير ڪئي ويندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي ڪي فور پاڻي منصوبي جي فيز ون جو افتتاح ڪيو ويندو، جنهن سان شهر کي 260 ملين گيلن پاڻيءَ جي فراهمي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*