اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا ڌماڪن بابت محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان جا بيان سندن راءِ آهي، هــُو سڀني کي ٻڌڻ چاهين ٿا.

ڪراچي فيڊريشن هائوس ۾ تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم تسليم ڪيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جا 7 کان 8 نقطن تي اڃا عمل نه ٿي سگهيو آهي، جن جي نگراني لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي هئي.

هن چيو ته اپوزيشن به ٽاسڪ فورس جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ڇوته هي سڪيورٽي جو مسئلو آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا بم ڌماڪن جي حوالي سان محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان جا بيان سندن راءِ آهي پر کين سندن ڳالهيون به ٻڌڻيون آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*