بلوچستان جي سبي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ريلوي ٽريڪ کي بم سان اڏائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائيندي بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو

Sibi-Road-2816

بلوچستان جي سبي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ريلوي ٽريڪ کي بم سان اڏائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائيندي بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي.

سبي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تان 3ڪلو وزني بم هٿ آيو، جنهن کي سڪيورٽي فورسز بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، ريلوي اختيارين بولان ۽ جعفر ايڪسپريس سميت ٻين ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي روڪي ڇڏيو.

ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ تان هٿ آيل بم ناڪاره بڻايو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*