پاڪ فوج جي ڊي جي مليٽري آپريشنز ڀارتي هم منصب سان هاٽ لائين تي رابطو ڪري نيزا سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ تي سخت احتجاج ڪيو
پاڪ فوج جي ڊي جي مليٽري آپريشنز ڀارتي هم منصب سان هاٽ لائين تي رابطو ڪري نيزا سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ تي سخت احتجاج ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارتي فوج لڳاتار جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ گذريل رات به نيزا پير سيڪٽر تي آبادي ۽ چوڪين کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي ڊي جي مليٽري آپريشنز ڀارتي هم منصب سان هاٽ لائين تي رابطو ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي ايم او ڀارتي هم منصب آڏو ڪنٽرول لائين تي بنا جواز ڀارتي فائرنگ تي سخت احتجاج ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لڳاتار ڪنٽرول لائين تي جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ آبادين توڙي فوجي چوڪين کي نشانو بڻائي رهي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ صبح تائين جاري هئي، جيڪا پاڪ فوج جي ڀرپور جواب بعد بند ٿي هئي…….