وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان جشن آزادي جي موقعي تي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي

CM-Gonv-14816وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان جشن آزادي جي موقعي تي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، وڏير وزير چيو آهي ته وقت تمام گهٽ ۽ ڪم گهڻو آهي، ايندڙ سال تائين سمورا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، صوبي جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت کي تمام گهٽ وقت مليو آهي ۽ ڪم ان کان وڌيڪ ڪرڻو آهي، سندس ڪوشش هوندي ته سڀئي ترقياتي منصوبا ايندڙ سال مڪمل ڪيا وڃن.

وڏي وزير چيو ته صوبي جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ چاهي، کاتن ۾ جيڪي به خرابيون آهن، انهن کي جلد ختم ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*