نيشنل ايڪشن پلان ڪامياب ٿئي ها ته ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، وفاقي حڪومت ايڪشن پلان صرف هڪ صوبي تائين محدود رکڻ چاهي ٿي, سڌ سماءَ جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو

mula-bux-chandio-14816

سڌ سماءَ جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان ڪامياب ٿئي ها ته ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، وفاقي حڪومت ايڪشن پلان صرف هڪ صوبي تائين محدود رکڻ چاهي ٿي.

حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي پاران جشن آزادي جي موقعي تي  ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، ان دوران وطن سان محبت جي اظهار طور پاڪستان زندا آباد جا نعرا هنيا ويا.

ريلي کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته چوڌري نثار نيشنل ايڪشن پلان کي ناڪام چوندڙن کي ملڪ دشمن قرار ڏنو آهي، پر اها ڳالهه ته وزير اعظم به ڪري رهيو آهي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته جيڪڏهن نيشنل  ايڪشن پلان ڪامياب ٿي ها ته وزير اعظم کي ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي ضرورت نه پوي ها.

مولا بخش چانڊيي چيو ته وفاقي سرڪار جي نيت ٺيڪ نظر نٿي اچي، اها نيشنل ايڪشن پلان کي صرف هڪ صوبي تائين محدود رکڻ چاهي ٿي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار کي پنهنجي چهري ۽ لهجي کي وفاقي بڻائڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا واقعا حڪومت جي پت وائکي ڪري رهيا آهن.

مولا بخش چانڊيي چيو ته مسئلن کي منجهائڻ بدران انهن کي حل ڪيو وڃي، وفاقي سرڪار اپوزيشن کي روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪري.

مولا بخش چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب ۾ جيڪڏهن فرشتن جي حڪومت آهي ته اتان معصوم ٻارڙا ڇو اغوا ٿي رهيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*