پاڪستان انگلينڊ کي چوٿين ۽ آخري ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

PakCici-14816

پاڪستان انگلينڊ کي چوٿين ۽ آخري ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي، شاندار ڊبل سينچري ٺاهيندڙ يونس خان کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.

لنڊن جي اوول اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ آخري ٽيسٽ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز کيڏندي 328 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

انگلينڊ جي معين علي بهترين بيٽنگ ڪندي 108 رنز ٺاهي سڀ کان وڌيڪ اسڪورر رهيو، پاڪستان جي بالر سهيل خان 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته وهاب رياض 3 ۽ محمد عامر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستان پهرين اننگز جي بهترين شروعات ڪئي ۽ اها شاندار پرفارمنس آخر تائين جاري رهي، جنهن ۾ پهريان اظهر علي ۽ ياسر شاهه ٽيم جي پوزيشن سنڀالِي.

اظهر علي 49 ۽ ياسر شاهه 26 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ته پوءِ اسد شفيق ۽ يونس خان انگلش بالرز جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو.

يونس خان ۽ اسد شفيق جي خطرناڪ بيٽنگ پاڪستاني ٽيم جي پوزيشن مضبوط بڻائِي، يونس خان ڊبل سينچري ۽ اسد شفيق سينچري ٺاهِي.

Younas-Khan-14816

اهڙي ريت پاڪستاني ٽيم 542 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ يونس خان جون 218 ۽ اسد شفيق جون 109 رنز شامل آهن، جڏهن ته سرفراز احمد 44 ۽ محمد عامر 39 رنز ٺاهيون.

انگلينڊ جي بالرز اسٽيوِن فن ۽ براڊ 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته  معين علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستان جي 212 رنز جي برتري سان انگلينڊ ٻي اننگز جي شروعات ڪئي ته پاڪستاني بالرز مٿن حملا شروع ڪري ڏنا، وهاب رياض انگلش ڪپتان اليسٽر ڪُڪ کي آئوٽ ڪيو ته ياسر شاهه وري لڳاتار ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪري انگلش ٽيم جي پوزيشن کي لوڏائِي ڇڏيو.

انگلش ٽيم ڪمزور پوزيشن سان بيٽنگ جاري رکي پر انهن جي پوزيشن مضبوط نه ٿي سگهي، نيٺ انگلينڊ جي پوري ٽيم 253 رنز ٺاهي پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو 40 رنز جو هدف ڏنو.

انگلش ٽيم مان رڳو بريسٽو 81 رنس ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته پاڪستان طرفان ياسر شاهه 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته وهاب رياض 2، افتخار احمد ۽ سهيل خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پاڪستان 40 رنز جو معمولي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي ته اوپنرز سميع اسلم ۽ اظهر علي 14 هين اوور جي پهرين بال تائين هدف حاصل ڪري انگلينڊ کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني.

ڇڪو هڻي پاڪستان کي ڪامياب ڪرائيندڙ اظهر علي 30 ۽ سميع اسلم 12 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 4 چئن واري سيريز ٻه ٻه تان برابر ٿي وئي.

Pakcric-Win-14816

ڊبل سينچري ٺاهي ٽيم جي پوزيشن مضبوط بڻائيندڙ يونس خان کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو،جڏهن ته پاڪستان طرفان ڪپتان مصباح الحق ۽ انگلينڊ جي ڪرس ووڪس کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 5 ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز 24 آگسٽ کان شروع ٿيندي، جڏهن ته هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ 7 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*