بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري زيارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ 10ڪروڙ ۽ جشن آزادي تقريب کي خطاب ڪندڙ شاگردن لاءِ 10لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

Nawab-Sanaullah-zehri-14816

 بلوچستان جي وڏي وزير  نواب ثناءُ الله زهري زيارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ 10ڪروڙ ۽ جشن آزادي تقريب کي خطاب ڪندڙ شاگردن لاءِ 10لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي شهر کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ڊنل دهشتگرد بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري خوف پکيڙڻ چاهين ٿا.

ڪوئيٽا ۽ زيارت ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ڌار ڌار تقريبن کي خطاب ڪندي نواب ثناءُ الله زهري چيو ته گوڊ گورننس جو قيام منهنجي پهرين ترجيح آهي، ناراض بلوچ پهاڙن تان لهي ڳالهين وارو رستو اختيار ڪن، کين سهولتون ڏياريون وينديون.

هن چيو ته دهشتگردي بلوچن جي هڪ نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ صوبي جا سمورا شهر ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

وڌي وزير چيو ته گوادر ۽ اقتصادي راهداري منصوبي سان بلوچستان ۾ خوشحالي ايندي، سمورن سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کڻندس.

نواب ثناءُ الله زهري جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي وڏو چيلينج آهي، جنهن جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، امن دشمن ٽولي کي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي.

وڏي وزير زيارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ 10ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ ۽ جشن آزادي تقريب ۾ شريڪ شاگردن کي 10 لک رپيا انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*