لياري پ پ جو ڳڙهه آهي، هڪ سازش تحت لياري جون حالتون خراب ڪيون ويون،وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-Lyari-14816

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته لياري پ پ  جو ڳڙهه آهي، هڪ سازش تحت لياري جون حالتون خراب ڪيون ويون، رينجرز جي سهڪار سان لياري جي ماضي واريون رونقون بحال ٿيون آهن، وڏي وزير پيپلز فوٽ بال اسٽيڊيم ۾ جشن آزادي فوٽ بال ڪپ جي فائنل جي تقريب ۾ ڪامياب ٽيم کي انعام ڏنا.

لياري جي پيپلز فوٽ بال استيڊيم ۾ ٿيل جشن آزادي چيف منسٽر فوٽ بال ڪپ کيڏيو ويو، فائنل ۾ حيدري بلوچ جي ٽيم لياري ليبر ويلفيئر جي ٽيم کي، هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لياري پ پ جو ڳڙهه آهي، فوٽ بال، باڪسنگ سميت هتان جي ٻين راندين کي هٿي وٺرائي گرائونڊ جي حالت بهتر بڻائي ويندي.

وڏي وزير اعلان ڪيو ته گرائونڊ جي حالت بهتر ڪري ايندڙ سال آل پاڪستان فوٽ بال ٽورنامينٽ ڪرائي ويندي.

ڊي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر موجود هو،

ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه ونر ٽيم جي ڪپتان کي 5 لک ۽ ٽرافي انعام ڏنو رنرٽيم کي 3 لک ۽ ٽرافي ڏني.

ان موقعي تي سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير محمد بخش مهر چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت سنڌ جي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، ان لاءِ راندين جي بجيٽ کي اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌايو ويو آهي.

هن چيوته فوٽ بال سان گڏ ٻين راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪراچي شهر سميت سڄي سنڌ ۾ راندين کي هٿي وٺرائبي.

فوٽ بال جي مئچ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه پئنلٽي ڪڪ هئين جنهن دوران راندين واري وزير محمد بخش مهر گول ڪيپر طور بال کي روڪي نه سگهيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*